پيارو پيغمبرصه پراون جي نظر ۾

پيارو پيغمبرصه پراون جي نظر ۾ (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو آهي، هيءُ ڪتاب پنهنجي موضوع تي هڪ جامع ڪتاب آهي، ڪتاب دلنشين پيرائي سان گڏ تحقيقي تقاضائن ۽ ضرورتن کي پورو ڪري ٿو. حوالي جو ماخذ نهايت تفصيلوار ۽ محققاڻي انداز ۾ ڏنو ويو آهي، جيڪو هڪ طرف عوام لاءِ هڪ قيمتي تحفو آهي ته ٻئي طرف تحقيقي ڪم ڪندڙ عالمن، دانشورن ۽ ليکڪن جون به ضرورتون پوريون ڪري کين ٻين ڪتابن کان منفرد بڻائي ڇڏي ٿو. هي ڪتاب ڏهن بابن تي مشتمل آهي، هن ڪتاب جي باب پهرئين ۾ حضورصه جن جي ولادت باسعادت کان اڳ، نجومين ڀوپن، ڪاهنن، يهودين، پادرين جون پاڻ سڳورنصه جي باري ۾ پيشنگويون ۽ خوشخبريون، باب ٻئي ۾ اڳين ڪتابن: توريت، انجيل، زبور، غزالغزالات، هندن جي ڪتاب سام ويد، اٿرويد، ڀڳوت گيتا، مهاڀارت، مجوسين جي ڪتابن، زند اوستا ۽ ٻڌ مذهب جي مقدس ڪتابن ۾ آيل خوشخبريون، باب ٽئين ۾ رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي زماني ۾ مڪي جي مشرڪن، جاني دشمنن ۽ ٻين غير مسلم عربن جو خراج عقيدت، باب چوٿين ۾ اهل ڪتاب يعني يهودي، عالمن، عيسائي راهبن ۽ بزرگن جو خراج عقيدت، باب پنجين ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم زماني جي غير مسلم بادشاهن، وزيراعظمن خراج عقيدت، باب ڇهين ۾ غير مسلم يورپي مصنفن ۽ ٻين غير مسلم مصنفن جي پاران حضورصه جن جي تعريف ۽ سيرت تي لکيل ڪتاب، باب ستين ۾ غير مسلم سياستدانن، سماجي رهنمائن، دڀ ، ڪامورن ۽ مذهبي اڳواڻن طرفان حضورصه جن جي تعريف، باب اٺين ۾ غير مسلم، اديبن، صحافين، ايڊيٽرن، تاريخدانن، اسڪالرن ۽ وڪيلن جو خراج تحسين، باب نائين ۾ غير مسلم سائنسدانن، نفسياتي ماهرن، پروفيسرن، ليڪچرارن ۽ محققن پاران تعريف، باب ڏهين ۾ عربي، فارسي، هندي ۽ سنڌي شاعرن جو منظوم خراج عقيدت. 512 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو مارچ 1994ع ۾ مدرسه عربيه مظهر العلوم حماديه ضلعي خيرپورميرس مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو